ميونخ(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ پـُل جو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ڀارت کي چين جي مقابلي ۾ آڻڻ سان خطي جون حالتون خراب ٿينديون، جرمني جي شهر ميونخ ۾سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي جرمن نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن هميشه آمريڪا ۽ چين وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي.انٽرويو ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين آمريڪا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن مختلف آهي، پاڪستان موجوده ورڇ کي وڌائڻ بدران گھٽائڻ جي ڪوشش ڪندو، امريڪي صدر ٽرمپ ڊيل ميڪر آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ سي پيڪ جهڙن منصوبن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ان سان گڏ آمريڪا سان لاڳاپن کي به ضروري قرار ڏنو. انٽرويو دوران بلاول ڀٽو زرداريءَ پاڪستان جي اندروني مسئلن تي به ڳالهايو ۽ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو.