احمد آباد (م ڊ)ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي آسٽريليا ڇهون ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجي ويو، احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع جي فائنل ۾ ڀارت جو 241 رنز جو هدف آسٽريليا 43هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، آسٽريليا ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇهه ڀيرا چيمپئن بڻجندڙ ٽيم بڻجي وئي آهي، جيڪا هن کان اڳ 1987، 1999، 2003، 2007 ۽ 2015 ۾ به ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، پهرين کيڏندي ڀارت جي ٽيم 240 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪي ايل راهول 67، ويرات ڪوهلي 54 ۽ روهت شرما 47 رنز ٺاهي نمايان رهيا، آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 3، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ 2، 2 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ آسٽريليا هدف 43هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ٽريوس هيڊ 120 بالن تي 137 رنز جي اننگ کيڏي، جڏهن ته مارنوس لبوشين 48 رنز ٺاهيون، ڀارت طرفان جسپريت بمرا 2، جڏهن ته محمد شامي ۽ محمد سراج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، اهڙيءَ ريت ورلڊ ڪپ ۾ ناقابل شڪست رهندڙ ڀارتي ٽيم فائنل ۾ هارائي وئي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آسٽريليا جي ٽيم کي چيمپئن ٿيڻ جي ٽرافي ڏني. ان موقعي تي آسٽريليا جو نائب وزيراعظم پڻ موجود هو.