ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات جو پاڪستان خلاف غيرقانوني، غير ذميواراڻو ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي جارحيت جو مظاهرو ڪيو. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته پهلگام واقعي جي جاچ يا ثبوت کانسواءِ ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايو، جڏهن ته  پاڪستان جي غير جانبدار جاچ جي آڇ کي به رد ڪري ڇڏيو، جيڪو انهي ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي ته ڀارت طئه ڪري چڪو هو ته الزام لڳائڻ کانپوءِ جارحيت ڪرڻي آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ذميواري ۽ اثرائتي طريقي سان ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي جهاز ڪيرايا ويا ۽ سندن 3 پائلٽ مارجي ويا، لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت جي اهم فوجي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 40 کان 50 ڀارتي فوجي مارجي ويا. هن چيو ته  پاڪ فوج اسرائيلي ٺهيل 25 “هيروپ” ڊرونز ڪيرايا آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جواب جو وقت ۽ هنڌ پاڻ طئه  ڪندو،  اهو ردعمل قوم جي اميدن مطابق ٿيندو. هن چيو ته  قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. ڀارت کي هر حال ۾ شڪست ڏني ويندي.