لاهور(م ڊ) انڊس واٽر ڪميشن ڀارت جي هيل تائين سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين جا تفصيل حڪومت کي موڪلي ڇڏيا آهن. انڊس واٽر ڪميشن جي ذريعن موجب ڀارت ٽن ڊيمن جي اڏاوت ڪري عملي طور سنڌ طاس معاهدي جي ڀڇڪڙي ڪري چڪو آهي، ٽئي ڀيرا ڀارت کي ورلڊ بيننڪ ۽ نيوٽرل ايڪسپرٽ ۾ خواري کڻڻي پئي. انڊس ڪميشن جي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  ڀارت 2005ع ۾ بگلهيار ڊيم، 2010ع ۾ ڪشنگنگا ڊيم ۽ 2016ع ۾ رتلي ڊيم تي اڏاوتي معاهدي کي نظر انداز ڪيو. ذريعن ٻڌايو ته ڀارت ٽنهي ڊيمن جي اڏاوت پنهنجي سياست ۽ دهشتگردي جي آر ۾ شروع ڪئي، ڀارت هاڻي پهلگام واقعي جي آڙ ۾ سنڌ طاس معاهدي کي ئي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪميشن جي ذريعن موجب قانون واري کاتي مشاورت جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، اڳتي جو فيصلو حڪومت ڪندي، عالمي ٽياڪڙي قانونن  موجب هڪ طرفو انڊس واٽر ٽريٽيءَ جي معطلي ممڪن ناهي. ياد رهي ته پاڪستان ڀارت سان سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفو معطل ڪرڻ جا پڪا سبب ڄاڻڻ لاءِ نوٽيس اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو شروعاتي هوم ورڪ به مڪمل ڪيو ويو آهي.