راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس ۾ اهم تفصيل فراهم ڪيا. ڊائريڪٽر جنرل انٽرسروسز پبلڪ رليشنز (ڊي جي آءِ ايس پي آر) ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان سدائين گڏيل قومن جي فوجي مبصرن سان سهڪار ڪيو آهي، پريس ڪانفرنس جو مقصد فوج جي پيشيوراڻي سرگرمين جو احاطو ڪرڻ آهي، پريس ڪانفرنس جو مقصد دهشتگردي خلاف قدمن جو احاطو ڪرڻ آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جو پاڪستان خلاف پروپيگنڊا جاري آهي، پاڪستان طرفان ڪيترائي ڀيرا گڏيل قومن جي مبصرن کي ايل او سي تي آندو ويو، پاڪستان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي به ايل او سي جو دورو ڪرائي چڪو آهي، ٻئي طرف ڀارت ڪن به پرڏيهي مبصرن يا ميڊيا کي ايل او سي تي وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارت جي سمورين شر انگيزين سان منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون، ڀارت طرفان هن سال لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جون مختلف ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، پاڪ فوج ڀارتي 6 جاسوس ڪواڊ ڪاپٽرز کي به ڪيرايو، ميجر جنرل احمد شريف چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچستان جي تنظيمن جو پرڏيهي ايجنسين سان تعلق ثابت ٿيو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري ايجنسين دهشتگردن خلاف شاندار قدم کنيا آهن، هلندڙ سال دهشتگردي جا 436 واقعا پيش آيا، اڄ پاڪستان ۾ ڪا به نو گو ايريا ناهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ 293 ماڻهو شهيد، 523 زخمي ٿيا، پنجاب ۾ دهشتگردي جي 5 واقعن ۾ 14 ماڻهو شهيد ۽ 16 زخمي ٿيا، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب هن سال سڪيورٽي فورسز 8279 انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشنز ڪيا، انهيءَ دوران 1535 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، روزانو جي بنياد تي 70 کان وڌيڪ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا پيا وڃن، دهشتگرد هاڻي به ملڪ ۾ امن جي صورتحال ۾ خرابي پيدا ڪري رهيا آهن، انهن دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کان هٿيار هٿ ڪيا ويا، ميجر جنرل احمد شريف چيو ته پشاور جي مسجد ۾ حملو ٽي ٽي پي جي حڪمن بعد جماعت الاحرار جي ڪارڪن ڪيو، پشاور حملي جي آپگهاتي حملو ڪندڙ جو تعلق افغانستان سان هيو، پشاور حملي جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن دهشتگردن جي ٽريننگ افغانستان جي مختلف علائقن ۾ ڪئي وئي، سهولتڪارن پهرين ريڪي ڪئي ۽ پوءِ مسجد ۾ هجوم ڏسي حملو ڪيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي پوليس حملي جا ٽئي دهشتگرد ماريا ويا هئا، ڪراچي پوليس حملي جي 3 ماسٽر مائنڊز کي حراست ۾ ورتو ويو، ڪراچي پوليس حملي ۾ گرفتار دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، ڪراچي پوليس حملي ۾ ملوث دهشتگرد 30 لک رپيا وصول ڪيا هئا، ترجمان پاڪ فوج ٻڌايو ته هلندڙ سال 137 آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي ۽ 117 جوان زخمي ٿيا، بلوچ نيشنل آرمي جي سربراهه گلزار امام عرف شنبي کي گرفتار ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جيڪا جنگ وڙهي ان جو مثال نٿو ملي، دهشتگردي خلاف جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هاڻي دائمي امن طرف سفر شروع ٿي چڪو آهي، ڀارت جا جارحاڻا ارادا ۽ بي بنياد الزام تاريخ کي نٿا مٽائي سگهن، ڀارت ڪشمير جي تاريخي حيثيت کي نٿو مٽائي سگهي، ڪشمير ڪڏهن ڀارت جو اڻٽٽ انگ هيو نه ڪڏهن ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڀارت ڪنهن اڳرائي جو ارادو ڪري ٿو ته پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏيندي، پاڪستان دهشتگردن خلاف 2 ڏهاڪن کان جنگ وڙهي آهي، آرمي چيف ڪمان سنڀالڻ بعد پهريون دورو ايل او سي جو ڪيو، پاڪستان جو هر سپاهي ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله سان سرشار آهي، فيبروري 2019 وانگر پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته اها ڳالهه سڀني جي سامهون آهي ته ڀارت ۽ اسان جي دفاعي بجيٽ ۾ فرق آهي.