اسلام آباد(م ڊ) عالمي معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ عالمي معاملن جي ماهر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد چيو آهي ته واضح ٿي ويو ته ڀارت چاهي ٿو ته ڪنهن طرح سنڌ طاس معاهدي مان نڪري، ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عالمي سطح تي ايڪشن کڻڻو پوندو. اڳوڻي سفير ۽ پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پهلگام واقعي تي ڀارت جي پروپيگنڊا پڌري ٿي چڪي، ڀارت سدائين ثبوتن بنا الزام هنيا آهن، ڀارت هاڻي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو ختم ٿيو ته ڀارت نتيجو ڀوڳيندو، سنڌ طاس معاهدو جنگين باوجود فعال رهيو، عالمي قانونن جي ماهر احمر بلال صوفي چيو آهي ته ڀارت وٽ اهڙو ڪو به اختيار ناهي ته پاڻي جو معاهدو معطل ڪري، جيڪڏهن ڀارت ايئن ڪري سگهي ٿو ته پوءِ ڪو به پاڙيسري ملڪ ايئن ڪري سگهي ٿو، اڳوڻي سفير عبدالباسط چيو آهي ته ڀارت فوري پاڻي بند نٿو ڪري سگهي، بي چيني پيدا نه ڪرڻ گهرجي، معاهدي جي معطلي تي اسان کي عالمي بينڪ کي اطلاع ٿيڻ گهرجي، معاهدو هڪطرفو نه معطل نه ئي ختم ڪري سگهجي ٿو.خدشو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف ڪا ڪارروائي ڪندو.