سيالڪوٽ(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت پاڻي ڪيڏانهن کڻي ويندو، نه رخ موڙي سگهي ٿو نه ئي روڪي سگهي ٿو. سيالڪوٽ ۾ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته آئون نٿو سمجهان ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ڪجهه حاصل ڪندو، ان معاهدي ۾ عالمي ضمانتون آهن. خواجه آصف چيو ته ڀارت پاڪستان جي اڻڌري جاچ جي آڇ جو اڃا تائين ڪو جواب ناهي ڏنو ويو، پاڪستان پوري دنيا کان بين الاقوامي ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪئي آهي، اسان جاچ لاءِ تيار آهيون، سچ ۽ ڪوڙ دنيا جي سامهون اچي. وفاقي وزير چيو ته شمله معاهدو ختم ڪري سگهجي ٿو، پر سنڌ طاس معاهدي ۾ عالمي ضمانتون آهن، خواجه آصف چيو ته افغان سر زمين اسان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، ان تي ڪوئي ايڪشن نٿو کنيو وڃي، ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون.