ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ) پاڪستان سان گڏ ڪنهن به قسم جي ٻه طرفي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويوءَ ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو هو ته ڀارت سان آسٽريليا ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ تيار آهيون. نجم سيٺي جي بيان کانپوءِ ڀارتي ميڊيا چيو آهي ته ڀارت ايندڙ ڏينهن يا مستقبل ۾ پاڪستان خلاف ڪنهن به قسم جي سيريز کيڏڻ جي رٿابندي ناهي ڪري رهيو. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ آخري ڀيرو گڏيل سيريز 2012 ۾ کيڏي وئي هئي ۽ ٻنهي ٽيمن آخري ڀيرو ٽيسٽ ميچ ڊسمبر 2007ع ۾ کيڏي هئي.