لنڊن(م ڊ) عالمي رسالي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ڀارت کي مهانگي پئجي سگهي ٿي. عالمي رسالي دي ڊپلوميٽ چيو آهي ته ڀارت جو سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ جو قدم چين کي برهمپترا جو پاڻي روڪڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب برهمپترا درياهه جو پاڻي ڀارت جي تازي پاڻي جو تقريبن 30 سيڪڙو ٺهي ٿو، ان کانسواءِ ان درياهه مان ايندڙ پاڻي ڀارت جي مجموعي پن بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جو 44 سيڪڙو ٿئي ٿو. دي ڊپلوميٽ جي رپورٽ موجب چين برهمپترا درياهه تي وڏا ڊيم تعمير ڪري رهيو آهي.