واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي اخبار ڀارتي حڪومت جي سرپرستي ۾ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين جي ذريعي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي، ڀارت جي ڳجهي ايجنسي “ را” ڀاڙي جي قاتلن ذريعي پاڪستان ۾ 6 ڄڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي، “را” اپريل 2024 ۾ لاهور ۾ عامر سرفراز کي قتل ڪرايو، ڀارتي ڳجهي ايجنسي “را” آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ڪرايا، ڪئنيڊا ۽ آمريڪا ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي سک اڳواڻن کي قتل ڪرايو ويو، را جي آفيسر ڪاوش ياديو نيويارڪ ۾ سک اڳواڻن تي قاتلاڻي حملي جون هدايتون جاري ڪيون