
راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج ملڪ ۾ ڀارت جي دهشتگردي جا ثبوت سامهون آڻي ڇڏيا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارتي دهشتگردي جا مڪمل ۽ ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت آهن، 25 اپريل تي ڀارت مان سکيا ورتل دهشتگرد عبدالمجيد جهلم ڀرسان گرفتار ٿيو، سندس گهر مان ڀارت ۾ ٺهيل ڊرون ۽ لکين رپيا هٿ ڪيا ويا، فوجي ترجمان چيو ته گرفتار دهشتگرد جو هينڊلر حاضر سروس ڀارتي فوجي آفيسر آهي، اهڙا ثبوت موجود آهن، جيڪي ڪارروائين کي ڀارت جي فوجي اهلڪارن سان ڳنڍين ٿا، دهشتگرد ڪارروائين ۾ ڀارتي فوج ملوث آهي، دهشتگرد جي فون تي ڳالهه ڀارت ۾ صوبيدار سکويندر سنگهه سان ٿي رهي هئي، فون مان اها ڄاڻ ملي آهي، 4 ڀارتي فوجي آفيسرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن ۾ ميجر سنديپ ورما، صوبيدار سکويندر، حوالدار اميت ۽ هڪ سپاهي شامل آهي، ڀارتي حڪومت پنهنجي فوج کان دهشتگردي ڪرائي رهي آهي، راولپنڊي ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ شهرين ۽ فوج تي حملن لاءِ دهشتگردن کي بارود به ڏئي رهيو آهي، ڪميونيڪيشن ۾ ميجر سنديپ اعتراف ڪيو ته بلوچستان کان لاهور تائين دهشتگردي ڪري رهيا آهن، 13 اپريل تي دهشتگردن ضلعي باغ ۾ فوجي گاڏي تي حملو ڪيو، ٽئي جوان زخمي ٿيا، ان حملي لاءِ دهشتگرد کي ڀارتي هينڊلر هڪ لک 80 هزار رپيا ڏنا، 30 نومبر تي عبدالمجيد جلالپور ۾ آءِ اي ڊي فوجي گاڏي تي لڳائي جنهن سان 4 جوان زخمي ٿيا، دهشتگرد کي ٽاسڪ مڪمل ٿيڻ تي 6 لک 56 هزار رپيا ڏنا ويا، 19 مارچ تي ڪوٽلي ويجهو شڪي بيگ هٿ ڪيو ويو، اهي آءِ اي ڊيز ڊرونز ذريعي موڪليون وينديون آهن، اهو ڀارتي دهشتگردي جو صرف هڪ ثبوت آهي، دهشتگردي پويان ڀارت جي ڪنٽرولڊ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پهلگام واقعي کي هفتو گذري ويو پر اڃا تائين ثبوت پيش نه ڪيا ويا. پهلگام واقعي بعد دهشتگردن کي پاڪستان ۾ سرگرميون وڌائڻ جو چيو ويو، هن چيو ته پاڪستان کي ڪا به طاقت ختم نٿي ڪري سگهي.