اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت پاران  پاڻي روڪڻ سان ايران کي به مسئلو ٿيندو، وزيراعظم کي گهرجي ته اي پي سي سڏائي، مودي جون حرڪتون انتهائي خطرناڪ آهن، پاڪستان ڀارتي قدمن جي جواب ۾ درست فيصلا ڪيا، خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڀارت دهشتگردي جو بهانو بڻائي اهڙو قدم کنيو جو پاڻهي وائکو ٿي ويو، حڪومتي فيصلن جي حمايت ڪريون ٿاموجوده حڪومت ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي پر هندستان انڪار ڪري ڇڏي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هندستان پاران پاڻي روڪڻ جارحاڻو قدم هوندو، خاموش نه ويهنداسين.

سکر(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ڳوٺ نچڻپور، تماچاڻي جو دورو ڪيو، دوري دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت ٺهندڙ گهرن جو معائنو ڪيو، علي واهڻ ۾ دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ جي مسترين ۽ ڪاريگرن سان  ڳالهائيندي چيو ته اسين اڳ ٻين جا گهر ٺاهي رهيا هئاسين، اڄ پنهنجا گهر پاڻ ٺاهي ورتا آهن. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ٽائون چيئرمين نثار صديقي طارق حسين چوهان ۽ ٻيا نمائندا ۽ آفيسر به موجود هئا، دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري عورتن سان ملاقات ڪئي، جتي ڪڙهائي جي ڪم متعلق توڙي پيش مشڪلاتن متعلق پارٽي چيئرمين کي آگاهه ڪيو. جڏهن ته پنهنجن گهرن جا مالڪي جا حق حاصل ڪندڙ عورتن کي گهر جي مالڪيءَ جا ڪاغذ پڻ ڏنا ويا، بلاول ڀٽو زردريءَ کي بريفنگ ڏيندي علي واهڻ، تماچاڻي ۾ متاثر کي ڏنل گهرن ۽ اُنهن جي ڪاغذن متعلق آگاهه ڪيو ويو، پارٽي چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته پنوعاقل، روهڙي، صالح پٽ، نيو تعلقه ۽ سکر سٽي ۾ 80 هزار کان وڌيڪ گهر تعمير ڪيا پيا وڃن.