ڪراچي(م ڊ) ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل حملي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، حملي جي صورت ۾ پاڪستان به سوين هدفن جي چونڊ ڪري ڇڏي. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب سيڪورٽي ذريعن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جنهن نموني ڀارت پهلگام حملي کانپوءِ پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ان مان لڳي ٿو ته هو ڪو مس ايڊوينچر ڪندو. ذريعن موجب ڀارت پاڪستان تي ميزائل حملو ڪري سگهي ٿو جنهن لاءِ هنن جي تياري ڪئي پئي وڃي. سيڪورٽي ذريعن موجب اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان به پنهنجي تياري ڪري رهيو آهي ۽ ان حملي جو فوري طور تي جواب ڏنو ويندو جنهن لاءِ ڀارت ۾ سوين هدفن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.