اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اقتصادي مامرن واري وزارت جو ايڪس  اڪائونٽ  هيڪ، هيڪرن وزارت جي ايڪس اڪائونٽ تي جنگ ۾ نقصان ٿيڻ بعد عالمي پارٽنرن کان مدد جي اپيل جو ميسيج شايع ڪري ڇڏيو، پاڪستان پاران اهڙي ميسيج کان لاتعلق جو اظهار ڪري ايڪس اڪائونٽ  بحال ڪري ورتو ، اقتصادي مامرن واري وزارت ايڪس (ٽوئيٽر) اڪائونٽ هيڪرز کان آزاد ڪرائي ويو. گذريل رات دشمن پاران سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ايڪس کي هيڪ ڪيو ويو هو، جنهن تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ بابت نامناسب مواد پوسٽ ڪيو ويو ته جئين پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪري سگهجي. پر اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي گڏيل ڪوششن سان دشمن جي ناپاڪ سازش ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي ناڪام بڻائي وئي. هن وقت سيڪيورٽي جي پيش نظر فلحال ان اڪائونٽس جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ بعد ان کي ڊي ايڪٽيويٽ ڪيو ويو آهي ۽ دشمن پاران ڪيل تڪراري پوسٽن کي به ڊليٽ ڪيو ويو آهي.