دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين جرسي رونمائي ڪئي وئي. دبئي ۾ ڀارتي ڪرڪيٽرن، ڪپتان روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ هاردڪ پانڊيا، نئين جرسي ۾ فوٽو شوٽ ۾ حصو ورتو. آءِ سي سي طرفان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل تصويرن ۾ڀارتي ٽيم جي جرسي تي چيمپيئنز ٽرافي جو لوگو ۽ ميزبان ملڪ “پاڪستان” جو نالو لکيو ويو. واضح رهي ته آءِ سي سي جي قانونن موجب، ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ شامل ٽيم جي جرسي تي ميزبان ملڪ جو نالو لکڻ لازمي آهي، ڀلي اهو ايونٽ ڪٿي به کيڏيو وڃي. واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 19 فروري کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن جي افتتاحي ميچ ميزبان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ کيڏي ويندي.