اسلام آباد(م ڊ) ڀارتي فوج عيرقانوني ۽ جبري طور گرفتار ڪيل پاڪستانين کي ڪوڙن مقابلن ۾ استعمال ڪري پاڪستان خلاف بيانيو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سيڪورٽي ذريعن موجب 56 پاڪستاني ڀارتي ايجنسين جي جبري حراست ۾ آهن. انهن کي سرحد پار دهشٺگرد قرار ڏنو ويندو. ڀارتي ميڊيا کي انهن جا لاش ۽ پلانٽڊ هٿيار ۽ وڊيوز فراهم ڪيون وينديون. ڀارتي ميڊيا انهن کي پاڪستاني دهشتگرد قرار ڏيندي، ڪجهه ماڻهن کان ميڊيا تي بيان، اعترافي بيان به ڏياري سگهجن ٿا. پاڪستان انهن ماڻهن جا تفصيل اڳ ۾ ئي فراهم ڪري چڪو آهي.