هراري ( اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 23 تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1 سرسي حاصل ڪري ورتي. هراري اسپورٽس ڪلب ۾ ڀارتي ڪپتان شُڀمَن گِل ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون. ڪپتان شُڀمَن گِل 66 ۽ رتو راج گائيڪواڙ 49 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته يشسوي جئسوال 36، سنجو سيمسن 12 ۽ اڀيشيڪ شرما 10 رنسون ٺاهيون. زمبابوي جي مُزارباني ۽ سڪندر رضا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. ڀارت جي 183 رنسن جي جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن نقصان تي 159 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 23 رنسن تان ميچ هارائي وئي. ڊائون مئرس 65 ۽ ڪلائيو مئڊانڊي 37 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ڀارت جي واشنگٽن سُندر 3، اويس خان 2 ۽ خليل احمد 1 وڪيٽ حاصل ڪئي. شاندار بالنگ تي واشنگٽن سُندر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .