لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ قائم انٽرنيشنل انسٽي /ڏسو صفحو 7 بقايا 39

ٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ايٽمي هٿيارن بابت ڏکڻ ايشيائي پاڙيسرين جي فوج ۽ هٿيارن بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، پاڪستان جي فعال فوجي اهلڪارن جو تعداد ڀارت جي مقابلي ۾ اڌ برابر آهي. ڀارتي فوج ۾ 14 لک فعال اهلڪار آهن انهن ۾ بري فوج ۾ 1237000، سامونڊي ۾ 75500، هوائي ۾ 149900 ۽ ڪوسٽ گارڊ ۾ 13350 اهلڪار شامل آهن. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جي فوجي اهلڪارن جو انگ 7 لکن کان به گهٽ آهي، جن ۾ 560000 بري فوج ۾ 70000  هوائي ۾ ۽ 30000 سامونڊي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ڀارتي 9743 هٿيارن جي مقابلي ۾ پاڪستان وٽ 4619 هٿيار آهن جڏهن ته هندستان وٽ موجود اهم جنگي ٽينڪن جو تعداد 3740 جڏهن ته پاڪستان وٽ انهن ٽينڪن جو تعداد 2537 آهي. جاري ڪيل رپورٽ موجب هندستان وٽ 172 نيوڪليئر وار هيڊز آهن، جڏهن ته پاڪستان وٽ 170 ايٽمي هٿيار موجود آهن.