ڪراچي(رپورٽ : عرفان شاهه) ڀارت ويل پاڪستاني ناري سيما حيدر جي 4 ٻارن جي واپسي  لاءِ سماجي اڳواڻ انصار برني نيشنل ڪميشن فار چائلڊ پروٽيڪشن آف انڊيا کي خط لکي ڇڏيو، سيما حيدر جي مڙس غلام حيدر جي وڪيل جي حيثيت ۾ لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته غلام حيدر ڪم  سانگي سعودي عرب ويو هو، 10 مئي 2023 تي خبر پئي ته ڪراچي ۾رهندڙ سندس زال سيما چار ٻارن کي  نيپال رستي انڊيا وٺي وئي آهي،  ڀارت ۾ سيما کي پرڏيهي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تان گرفتار ڪيو ويو هو، سيما حيدر جي 7 جولاءِ 2023 تي ضمانت ٿي، سيما هاڻي ڀارتي شهري سچن وٽ چئني ٻارن سان گڏ رهي ٿي، خط ۾ چيو ويو آهي ته غلام حيدر کي پنهنجن 4 ٻارن سان رابطي کان محروم ڪيو ويو آهي، مٿان وري سندس ٻار جبري طور مذهب جي تبديلي  جو شڪار ٿيا آهن،  ٻارن کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارتي آئين ٻارن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، ٻارن کي غير قانوني ڪنهن گهر ۾ رکڻ ۽ مذهبي تبديلي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته غلام حيدر جي سندس ٻارن سان وڊيو ڪال جو بندوبست ڪيو وڃي، غلام حيدر ٻارن جي واپسي لاءِ هر قسم جي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.