ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني عورت سيما حيدر جي ٻارن سميت ڀارت وڃڻ وارو معاملو، سندس اڳوڻو مڙس انصار برني وٽ پهچي ويو، ٻارن جي واپسي لاءِ مدد جي اپيل، سيما حيدر جو اڳوڻو مڙس غلام حيدر سماجي اڳواڻ انصار برني وٽ پهچي ويو، غلام حيدر انصار برني کي چيو ته 10 مئي تي منهنجي گهرواري سيما ڀارت وئي، سيما ٻار به وٺي وئي، مون ٻارن جي واپسي لاءِ ڪيترن ئي ادارن سان رجوع ڪيو پر ڪنهن به مدد نه ڪئي، ٻارن جي واپسي لاءِ منهنجي مدد ڪئي وڃي. انصار برني غلام حيدر کي مدد جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪو به قانون پيءُ کي ٻارن جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهي، اسان پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومت کان اپيل ڪنداسين ته غلام حيدر کي ان جا ٻار واپس ڏياريا وڃن، اسان غلام حيدر جي قانوني مدد ڪنداسين