نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر يوراج سنگهه هلندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي تي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارت کي ٻه ڀيرا عالمي ڪپ کٽائيندڙ اڳوڻي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه ڀارتي  ٽيم جي خامين جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جا ٽي اهم بيٽر انجريز جو شڪار آهن. هن چيو ته رشڀ پنت، ڪي ايل راهول ۽ شرياس ايئر جي زخمي ٿيڻ کان ون ڊي اسڪواڊ ۾ مڊل آرڊر ڪمزور ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ٽيم فتح حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان کي مڊل آرڊر مضبوط ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هڪ محب وطن طور چئي سگهان ٿوته ها ڀارت عالمي ڪپ کٽڻ وارو آهي پر جيڪڏهن سچ پڇو ته نٿو لڳي ته اسان ميگا ايونٽ کٽي سگهون ٿا. يوراج سنگهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عالمي ڪپ کٽڻو آهي ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جو ڪردار اهم هوندو، کين بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو تڏهن ئي ٽيم مان اميد رکي سگهجي ٿي، ٻنهي سينيئر رانديگرن کي فٽنس برقرار رکڻي پوندي ۽ جا انبار لڳائڻا پوندا. واضح رهي ته ميگا ايونٽ هلندڙ سال پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندو، ڀارت ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي سفر جي شروعات اٺ آڪٽوبر کان آسٽريليا خلا ف ميچ کان ڪندو.