ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي چيو آهي ته جڏهن سڄي دنيا جون ٽيمون چيمپئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان آيون ته ڀارت کي به اچڻ گهرجي ها، هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته چيمپئنز ٽرافي لاءِ سموريون ٽيمون پاڪستان اچي رهيون آهن ته ڀارت کي به اچڻ گهربو هو، هن چيو ته انڊيا پاڪستان نه اچي رهيو آهي ته هاڻي اها ڳالهه پراڻي ٿي وئي، قومي ٽيم کي گهرجي ته هاڻي ڀارتي ٽيم جتي به ميچ کيڏي ان کي شڪست ڏئي قوم جو مزو ٻيڻو ڪن، هن چيو ته قومي ٽيم جي سمورن رانديگرن تي حوالي سان تمام وڏي ذميداري آهي، فتح سبب ئي چارئي صوبا ۽ ملڪ جو عوام خوشيءَ ۾ هڪ جهنڊي هيٺان ايندو آهي، شاهد آفريدي چيو ته پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ ڪجهه اهڙا رانديگر آهن، جن جي باري ۾ مون کي معلوم آهي، اهي ڪٿان آيا، پر ان تي اسان بعد ۾ ڳالهائينداسين، ڇو ته چيمپئنز ٽرافي هن وقت مٿان آهي، هن قومي ٽيم کي مشورو ڏنو ته سموريون ٽيمون تمام گهڻي تياري سان آيون آهن، پاڪستان کي بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.