نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي اولمپيئن جيولين ٿرور نيرج چوپڙا ڀارت ۾ ڊوپنگ خلاف آواز اُٿاري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ نيرج چوپڙا ڊوپنگ کي ڀارت ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏيندي چيو ته اڄڪلهه ڀارتي ايٿليٽس جو سڀ کان وڏو مسئلو ڊوپنگ آهي. هن چيو ته ايٿليٽس سمجهن ٿا ته ڊوپنگ سبب هو سٺو پرفارم ڪندا ته اِهو سچ نه آهي، هو اٿليٽس کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته جيڪڏهن دماغ ۾ ڊوپنگ اچي وڃي ته پوءِ اوهان مقابلو نه ڪري سگهندئو. سندس چوڻ هو ته سخت محنت، پاڻ تي اعتماد ۽ سٺي رهنمائي سان ئي ڪاميابي ملندي آهي، ڊوپنگ ۾ اوهان پڪڙيا ويندا آهيو ته ٻه کان چار سال پابندي جو منهن ڏسڻو پوندو، ڪوچز کي درخواست آهي ته هو ايٿليٽس کي ٻڌائين ته کين ڊوپنگ مان مدد نه ملندي. هڪ رپورٽ موجب، 2022ع ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀارتي رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت آيا، ان سال 3865 جا ڊوپ ٽيسٽ ٿيا جنهن ۾ ڀارت جي 125 رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي، ڀارت اُهو واحد ملڪ آهي جنهن جا سئو کان وڌيڪ ٽيسٽ مثبت آيا. ان کانسواءِ اپريل 2023 تائين ڀارت جا 142 رانديگر ڊوپنگ ۾ پڪڙيا ويا. رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت ڏهن ورهين دوران ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچڻ جي حوالي سان ٻيو بدترين ملڪ آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ روس جو پهريون نمبر ۽ چين جو ٻيو نمبر آهي.