اسلام آباد: پاڪستان جي حڪومت چيو آهي ته ڀارت عام شهرين کي نشانو بڻايو، عالمي ميڊيا ادارن سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ ٻڌايو ته اسان جو جواب ڏنو پيو وڃي جنهن جا تفصيل شيئر نه ٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته ڀارت ثبوت فراهم ڪرڻ کانسواءِ حملو ڪيو هو سولين ۽ ٻارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ان جو هنن کي حق نه آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي وطن جو دفاع ڪنداسين. بي جي پي ۽ مودي مسلمانن خلاف آهن اسان پنهنجي وقت تحت جواب ڏينداسين. هن چيوته هاڻ ڀارت کي پاڪستان جو بيرحماڻو جواب برداشت ڪرڻو پوندو. هنن پنجن شهري جاين تي حملو ڪيو.  هن چيو ته عالمي ۽ ملڪي ميڊيا کي اسان ڪشمير ۾ انهن جاين جو دورو ڪرايو جن کي ڀارت دهشتگردي جون ڪيمپون قرار ڏنو هو. آئون اڄ ميڊيا کي مريدڪي ۽ بهاولپور وٺي وڃڻو هئس.