نئين دهلي(م ڊ) افغانستان ۾ سکن جي گردواري تي دهشتگرد حملي بعد ڀارت پنهنجو سفارتي عملو افغانستان اماڻڻ  جو فيصلو ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارتي حڪومت افغانستان سان سفارتي ناتا قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان لاءِ منصوبي کي آخري شڪل ڏئي رهي آهي جنهن موجب ڪابل ۾ سفارتخاني ۾ ڊائريڪٽر سطح جو عملدار ۽ عملو مقرر ڪيو ويندو جيڪو ڪائونسلر، ويزا ۽ انساني امداد جا ڪم ڪندو. ڪابل ۾ سکن جي گردواري تي حملي بعد انهن تيارين کي لوڏو آيو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي.