نئين دهلي(شوبز نيوز) ڀارتي حڪومت سک گلوڪارا زارا گل جي 5 سال پراڻي گاني تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن ۾ سک برادري پاران پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو گرونانڪ جو وطن آهي. هن پاڪستان جي حدن ۾ پنهنجا ڏينهن گذاريا آهن. وڊيو ۾ ڪرتارپور ڪوريڊور ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن کي به ڏيکاريو ويو آهي.