اسلام آباد: صدر آصف زرداري چيو آهي ته ڀارتي سرڪار سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ڀارت جي جارحاڻن قدمن سان خطي لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا، صدر آصف زرداري اٽلي جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون، صدر چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي انساني اسمگلنگ خلاف سهڪار ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ڀائيواري جي گنجائش موجود آهي، صدر نازڪ حالتن ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي اٽلي جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.