ڀارت سنڌو ۽ چناب جو پاڻي روڪيو ته اسان وٽ فوجي آپشن موجود آهي: وپڊا چيئرمين

0
27
ڀارت سنڌو ۽ چناب جو پاڻي روڪيو ته اسان وٽ فوجي آپشن موجود آهي: وپڊا چيئرمين
ڀارت سنڌو ۽ چناب جو پاڻي روڪيو ته اسان وٽ فوجي آپشن موجود آهي: وپڊا چيئرمين

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني چيو آھي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته فوجي آپشن موجود آهي، ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻي جو مڪمل دفاع ڪندو، پاڪستان واضح ڪيو آهي ته پاڻي روڪڻ جنگ ڪرڻ برابر آهي، هن چيو ته ڀارت وٽ چناب ۽ سنڌو دريائن جو پاڻي روڪڻ جي محدود صلاحيت آهي، ڀارت جي انهي ارادي ۽ سوچ کي شڪست ڏيڻي پوندي، ڪي 4 منصوبي جي مختلف سائيٽس جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي 4 رٿا جو پھريون مرحلو جون 2026 ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، ھن چيو ته منصوبي کي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ گھربل فنڊز جي وقت سر ادائگي انتھائي اھم آھي، هن وقت  تائين پراجيڪٽ تي 63 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي، جڏهن ته منصوبي تي 75 ارب 21 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آھن، هن چيو ته ڪي 4 رٿا ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندي، پھريون مرحلو مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي کي 260 ملين گيلن پاڻي ملندو.