لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته اسٽيڊيمز ٺهڻ ڏيو ڀارت سميت سڀ ٽيمون پاڪستان اينديون. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم لاهور جي مين بلڊنگ جي اڏاوتي ڪم جو جائزو وٺي، هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏينهن رات اڏاوتي ڪم جاري آهي، چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي اسٽيڊيمز جي اَپ گريڊيشن جو ڪم مڪمل ڪرڻ هڪ چئلينج آهي، پراميد آهيون ته ميگا ايونٽ کان اڳ ڪم مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ ڏيو ڀارت سميت سڀ ٽيمون پاڪستان اينديون. محسن نقوي چيو ته اسان جي ۽ دنيا جي اسٽيڊيمز جي زمين آسمان جو فرق آهي، ڪو به اسٽيڊيم عالمي معيار جو نه آهي، اسان کي اسٽيڊيمز جو معيار وڌائڻو آهي.