اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزيرن چيو آهي ته ڀارت سفارتي سطح تي اڪيلو ٿي چڪو آهي، مختلف ملڪن پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، ڀارت اڳرائي ڪئي ته جواب ڏنو ويندو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف پهلگام واقعي تي گڏيل قومن جي ڪميشن جوڙڻ جي آڇ ڪندي چيو ته اسان جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهيون، چار پنج ملڪن جي ڪميشن جوڙي وڃي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين جي امڪان کي ڪنهن به حالتن ۾ رد نٿو چئي سگهجي، ڇڪتاڻ جيتري به هجي ڳالهين جو رستو ورتو ويندو آهي، سڄي دنيا چئي ٿي ته معاملو ڳالهين سان حل ٿيڻ گهرجي. خواجه آصف چيو ته جنگ جو انديشو رکڻ يا نه رکڻ ڪوئي آپشن ناهي، اسان کي هر وقت تيار رهڻ گهرجي، قومي سلامتي مشير مقرري جو ڳالهين سان ڪو به تعلق ناهي، آمريڪا جي رابطي بابت هن چيو ته مارڪ روبيو جي رابطي جي پنهنجي اهميت آهي، هن متوازن ڳالهه ڪئي آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارت بنا ثبوتن جي پاڪستان الزام لڳايا، پهلگام واقعي جو ڀارت پاڻ ذميوار آهي، هن چيو ته اسان وٽ پڪا اطلاع هئا ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪندو، اسان ذميوار رياست طور عالمي برادري سان رابطا ڪيا، معلومات ڏني، اسان جاچ جي آڇ ڪئي، ڀارت کي دنيا کي ٻڌائڻو پوندو ته واقعي ۾ ڪير ملوث آهي؟ پاڪستان تي الزام نٿو لڳائي سگهي، وفاقي وزير چيو ته ڀارت سفارتي سطح تي تنها ٿي چڪو آهي، چين ۽ ترڪيه سوڌو مختلف ملڪن پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان اڳرائي نه ڪندو پر پنهنجي دفاع جو حق رکي ٿو، پاڪ فوج الرٽ آهي، ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪيو ويندو.