لاهور: پاڪستاني عوام جا حوصلو بلند، واهگه بارڊر پهچي ويا، جتي هو پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻي رهيا. وڏي تعداد ۾ عورتون بارڊر وٽ پريڊ ڏسڻ پهتيون سندن چوڻ هو ته اسان به جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهيون. هوڏانهن واهگه بارڊر وٽ هندستان واري طرف ماڻهو نظر نه آيا خاموشي ڇانيل هئي. واهگه وٽ پاڪستانين جو جوش جذبو ڏسڻ وتان هو