اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت نه رڳو عسڪري ميدان تي جارحيت ڪئي آهي، پر پنهنجي عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ميڊيا ذريعي شديد پروپيگنڊا مهم به شروع ڪئي. ڀارتي ميڊيا تي منظم طريقي سان جعلي خبرون، پراڻيون تصويرون ۽ ڪوڙيون وڊيوز ذريعي هڪ ڪوڙو بيانو ٺاهي رهيو آهي. جيڪو ڀارتي حڪومت جي گھٻراهٽ، ناڪامي ۽ بيچيني جو کليل ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي پروپيگنڊا کي ڀرپور طريقي سان وائکو ڪيو، جنهن سبب ڀارت کي وڌيڪ ذِلت کي منهن ڏيڻو پيو آهي. عطا الله تارڙ چيو ته ڪوڙي بيانيي ذريعي ڀارت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پوري دنيا ڏسي چڪي آهي ۽ ڀارت کي هاڻي وڌيڪ شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو آهي.