نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت جي شهر ممبئي جو رهواسي ڀارت جين دنيا جي امير ترين فقير جو لقب رکي ٿو. ڀارت جين جي ڪهاڻي روايتي حڪمت کي چئلينج ڪري ٿي ۽ ثابت ڪري ٿي ته غير متوقع ڪاميابي سخت محنت، مستقل مزاجي ۽ مالي هوشياري ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي. 54 سالن جو ڀارت جين، هندستاني شهر ممبئي جو رهواسي آهي ۽ گذريل 40 سالن کان پيشه ورانه طور تي بهڪ ڏئي رهيو آهي. هن فقيري مان سندس روزاني آمدني لڳ ڀڳ 2,000 کان 2,500 هندستاني رپيا، يا 8,200 پاڪستاني رپيا هئي. اهڙيءَ طرح، سندس ماهوار آمدني 60,000 کان 75,000 هندستاني رپيا هئي. ڀارت جين پنهنجي آمدني کي عقلمندي سان سيڙپ ڪيو. ممبئي ۾ 2 فليٽ خريد ڪيا، جن جي ڪل قيمت لڳ ڀڳ 1.4 ڪروڙ هندستاني رپيا هئي. ان کان علاوه، انهن ٻه دڪان پڻ ڪرائي تي ڏنا، جن مان 30,000 ماهوار ڪرائي ملندي هئي. جي ڀارت جين هڪ شادي شده ماڻهو آهي ۽ ان جا ٻه پٽ آهن جيڪي مهانگن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن. ان کان علاوه، هن جو هڪ پيءُ ۽ هڪ ڀاءُ آهي. جيتوڻيڪ سندس خاندان چاهي ٿو ته هو بهڪ ڏيڻ بند ڪري، پر هو ائين ڪرڻ جاري رکي ٿو.