لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته  ڀارت خلاف ڪاميابي ٽيم ورڪ سان ملي، ٽيم کي هدايتون نواز شريف ڏئي رهيو هو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اياز صادق چيو ته دشمن کي عبرت ناڪ شڪست ڏيڻ ۾ ٽيم ورڪ جون ڪوششُن هيون. وزراعظم شهباز شريف جي مشاورت به ان ۾ شامل هئي. اسان جي جوانن حياتيون ڏئي پاڪستان کي هن جنگ ۾ به محفوظ رکيو. اياز صادق وڌيڪ چيو ته  ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پورو پاڪستان پنهنجي فوجن سان گڏ بيهي ويو، قومي اسيمبليءَ ۾ به ڀني جماعتن اتحاد جو مظاهرو ڪيو. اياز صادق وڌيڪ چيو ته اسان جي بهادر فوجن دنيا کي ٻڌايو ته ملڪي دفاع تمام مضبوط آهي، هٿياربند فوجن جي سربراهن کي خراج  تحسين پيش ڪريان ٿو، جنگ ۾ صرف هٿيار ڪم ناهن ايندا، پر  دل گردو گھرجي.