لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ليجنڊري يونس خان چيو آهي ته فرنچائز ڪرڪيٽ ذريعي بورڊ کي مالي سپورٽ ملي ٿي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته اڄ جي دور ۾ لوڪل ٽورنامينٽ ڪرائڻ سولو ناهي، نوَ سال اسان ملڪ کان ٻاهر ڪرڪيٽ کيڏي، اسد شفيق ۽ اظهر علي گهڻي قدر ڪرڪيٽ ٻاهر کيڏي. يونس خان چيو ته سندس خواهش آهي ته پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ بحال ٿئي، سدائين پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڀارت خلاف کيڏي اوهان پليئر بڻجي سگهو ٿا. هن چيو ته فخر زمان کي ٽيم ۾ ضرور هئڻ گهرجي، فخر ۽ صائم گڏ کيڏندا ته پاڪستاني ٽيم چار سئو رنسون به ٺاهي سگهي ٿي. يونس خان وڌيڪ چيو ته اهڙا رانديگر جيڪي ٽيم لاءِ کيڏن ٿا انهن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي، وڏين ٽيمن سان کيڏڻ جو فائدو ٿيندو آهي.