اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته ڀارت جي مودي حڪومت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جو ليڊر جيل ۾ بند آهي، اسان کي انهن کان هدايت وٺڻي آهي پر ملاقات نٿي ڪرڻ ڏني وڃي. هن چيو ته شريف خاندان ڀارت خلاف سخت قدم نه ٿو کڻي سگهي ڇو ته هو ڀارت سان  واپار ڪندا آهن. سخت قدم رڳو هڪ ماڻهو کڻي سگهي ٿو، اهو باني پي ٽي آءِ آهي. جڏهن به شريف خاندان اقتدار ۾ اچي ٿو ته ملڪ جي سالميت کي خطري ۾ پئجي ويندي آهي. نواز شريف 1997ع ۾ وزيراعظم  ۽ منهنجو والد پرڏيهي وزير هو، ڀارت جو مگ-25 جهاز اسلام آباد مٿان اڏاميو، ٻه سانڪ ڌماڪا ڪيا. منهنجي والد ايئر چيف کي چيو فائٽر جهاز دهلي مٿان اڏائي سگهجن ٿا، ايئر چيف وزيراعظم جي اجازت گهري ته نواز شريف جون ٽنگون ڏڪي ويون. ايٽمي ڌماڪن ۾ منهنجي والد سميت پنج ماڻهو شامل هئا.