راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چيو آهي ته خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست ڀارت آهي، هندستان لاءِ واضح نياپو آهي ته سندس هِڪ هَٽِي نه قبول ڪئي، نه ئي ڪڏهن قبول ڪئي ويندي، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ دهشتگردي سندن اندروني مسئلو آهي، جيڪو ڀارتي سرڪار جي اقليتن خاص ڪري مسلمانن سان ظالماڻي ورتاءُ جو نتيجو آهي، فيلڊ مارشل چيو ته پاڪ فوج هر دور ۾ جنگي گهرجن پٽاندڙ پاڻ کي تيار رکندي آهي، هر نظام ۾ ڪمزوريون ۽ جهول هوندا آهن، پر اهو توهان جو ڪم آهي ته ناڪاري قوتن کي نظام تي حاوي ٿيڻ نه ڏيو، رياست جي سمورن ٿنڀن وچ ۾ هم آهنگي جو بُنياد انتظاميا ۽ سول بيورو ڪريسي آهن، ملڪي ترقي لاءِ عوام، حڪومت ۽ فوج وچ ۾ مضبوط لاڳاپا اڻٽر آهن، حق جي معرڪي ۾ رياست جي سمورن ٿنڀن مثالي هم آهنگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان ڪشمير لائين آف ڪنٽرول کان سمنڊ تائين ڀارت جي هر اڳرائي جو بهترين جواب ڏنو، آرمي چيف چيو ته افغانستان برادر پاڙيسري ملڪ آهي، اُن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، افغانستان کان گهُر ڪريون ٿا ته ڀارت جي دهشتگرد پراڪسيز فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج کي جاءِ نه ڏئي.