ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان ڪڏهن به جنگ جي خواهش ناهي رکي، هي جنگ اسان تي مڙهي وئي آهي. ڀارتي جارحيت جي ردِ عمل تي بيان جاري ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارت پاران حملو ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، خطي ۾ امن امان داءُ تي لڳايو ويو آهي. پاڪستاني فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن تي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو آهي. هن چيو ته اسان جي فوج چوڪس، عوام متحد ۽ اسان جو عزم ناقابل شڪست آهي. هر محاذ تي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تي حملو، ڀارتي قيادت خاص طور تي دهشتگرد نريندر موڌي لاءِ شرمناڪ شڪست ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ڀارت کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن ڪري ڀارت لاءِ اهو ٻُڏي مرڻ جو مقام آهي.