ڪراچي (م ڊ) ڀارت ڪراچي پورٽ تي حملي جي تياري ڪندي پنهنجو مغربي بحري جهاز اتر عربي سمنڊ ۾ ڪراچي ويجهو مقرر ڪري ڇڏيو، برطانوي اخبار دي ٽيليگراف موجب ڀارتي بحريا جي ٻيڙي ۾ ايئر ڪرافٽ ڪريئر، ڊسٽرائرز، فريگيٽس ۽ اينٽي سب ميرين جهاز شامل آهن، ٻيڙي جي ڪجهه جهازن تي روسي ساخت براهموس سپر سونڪ ڪروز ميزائل نصب آهن، جيڪي 500 ميل تائين هدف کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، برطانوي اخبار موجب ڀارتي بحري جهاز پاڪستاني سامونڊي حدن کان 300 کان 400 ميلن جي فاصلي تي موجود آهي. برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته ڀارت جو اهو قدم ٻنهي ايٽمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو، ڀارت جي ان قدم سان عالمي سطح تي ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آهي. هوڏانهن پاڪستان به جوابي قدم کڻندي پنهنجو بحري ٻيڙو مقرر ڪري ڇڏيو.