ڪراچي(شوبز نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو دنگل، يعني پاڪ-ڀارت ميچ، اڄ 23 فيبروري تي دبئي ۾ کيڏي ويندي. عام ماڻهن سان گڏ ڪئي شوبز شخصيتون پڻ ان ميچ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيون آهن. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي راکي ساونت جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو. ان دوران اداڪارا انوکي شرٽ پهري، جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان تي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جا نالا لکيل آهن. وڊيو ۾ راکي ساونت چيو ته”آئون ڀارت جي ڌيءَ ۽ پاڪستان جي مستقبل جي نُنهن آهيان، تنهنڪري ٻنهي ٽيمن کي سپورٽ ڪنديس.“ اداڪارا جي هيءَ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي ٻنهي ملڪن جا واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.