پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي ۽ ڪاميابي يقيني بڻجي وئي. پرٿ ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي سينچري سان پنهنجي فارم ۾ واپسي ڪئي ۽ گڏوگڏ ڀارت ٻي اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 487 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪندي آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 534 رنسن جو وڏو هدف ڏئي ڇڏيو. ٽئين ڏينهن يشوي جيسوال نه رڳو پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي پر 161 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪي ايل راهول 77 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ويرات ڪوهلي ٻي اننگز ۾ 143 بالن تي سينچري اسڪور ڪري نه رڳو پنهنجي فارم بحال ڪئي پر آسٽريليا خلاف ڀارت کي مضبوط پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو. ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين ٻي اننگز ۾ آسٽريليا جون رڳو 12 رنسن تي 3 وڪيٽون ڪِري پيون، ڪينگروز کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 522 رنسن جي ضرورت ۽ ڀارت کي 7 وڪيٽون گهربل آهن.واضح رهي ته پهرين اننگز ۾ ڀارتي ٽيم 150 رنسون ٺاهي سگهي هئي، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.