دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت جي شرڪت کان انڪار کانپوءِ آءِ سي سي پاڪستان جي سخت اصولي موقف سبب مشڪل صورتحال ۾ ڦاسي وئي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت کان انڪار تي بورڊ آف انڊيا (بي سي سي آءِ) سان صلاح مشوري کانپوءِ پي سي بي کي جواب ڏيندو. ان حوالي سان آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڀارتي موقف تي ٻين بورڊن سان به رابطو شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن کين ڀارتي بورڊ جي رويي کان آگاهه ڪيو وڃي. واضح رهي ته پاڪستان هائبرڊ ماڊل جي مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته ڀارت طرفان ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري فيصلي آءِ سي سي جون مشڪلاتون وڌائي ڇڏيون آهن. ذريعن موجب پي سي بي جي اي ميل تي آءِ سي سي کان فوري جواب ملڻ ممڪن ناهي، جواب تيار ڪرڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا. آءِ سي سي پاڪستان طرفان ڀارتي ٽيم جي انڪار جا پڪا سبب ٻڌائڻ کانپوءِ هاڻي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو آهي، جنهن ۾ کين پي سي بي جي سوالن جا جواب ۽ ممڪن جواب ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جيئن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اي ميل جو جواب ڏئي سگهجي. رپورٽن مطابق ڀارتي بورڊ سمورن قانوني پاسن کي سامهون رکندي پنهنجو تحريري موقف ڏيندو، آءِ سي سي جا عملدار پاڪستان-ڀارت معاملي تي ٻين ملڪن سان به صلاح مشورا ڪري رهيا آهن ته جيئن ان مسئلي جو جٽادار حل ڳولي سگهجي.