شهدادپور(ن پ ا) پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ پاران جلسو منعقد ڪيو ويو، عزم عاليشان پاڪستان ڪانفرنس جي نالي سان ٿيل ميڙاڪي کي فيصل نديم، حافظ رضا الله، اُسيد الرحمان، ارشاد بخاري، جاويد قريشي خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڀارت جي ناپاڪ اردان کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هنن چيو ته هندوستان جيڪو پاڪستان جي حملي جي خوف کان پنهنجن ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي بند ڪرڻ تي مجبور آهي، خوف ۾ ورتل آهي، شاهين ملڪ جي دفاع لاءِ پرعزم آهن، مقررن چيو ته هيءُ ڪانفرنس به اسان جي بلند حوصلن جو واضح ثبوت آهي ۽ پاڪستاني قوم ڀارتي جارحيت خلاف متحد آهي ۽ پنهنجن شهيدن جي قربانين تي غمگين ٿيڻ بدران اسان پنهنجي عزم ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي، اڳواڻن چيو ته اسان پنهنجي دشمن جي ناپاڪ ارادن، منصوبن ۽ اڳرائين جو منهن ٽوڙي جواب ڏنو آهي ۽ ڏيندا رهنداسين.