نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسند تنظيم هندتوا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي رياست راجسٿان ۾ موجود مشهور صوفي بزرگ حضرت خواجه معين الدين چشتي عرف درگاهه اجمير شريف ڪنهن زماني ۾ هندن جو هڪ مقدس مندر هوندي هئي. هندتوا جي مهارانا پرتاب سينا دعويٰ ڪئي آهي ته اجمير شريف درگاهه به بابري مسجد جيان مندر کي ڊاهي ٺاهي وئي هئي، اهو ئي سبب آهي جو درگاهه ٺهي وڃڻ باوجود هتي وڏي تعداد ۾ هندو به اچن ٿا ۽ باسو باسين ٿا. اها دعويٰ هن مهاراجا پرتاب سينا جي قومي صدر راج ورڌن سنگه پرمار راجسٿان جي وزيراعليٰ ڀڄن لال شرما کي لکيل خط ۾ ڪئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سندس تنظيم ڊگھي وقت کان درگاهه جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ تحقيق ڪري رهي هئي. هن چيو ته اسان جي انهن ڪوششن کي ڪانگريس حڪومت سنجيدگي سان نه ورتو هو پر اسان کي مودي حڪومت مان ڪافي اميدون آهن. هن وزيراعليٰ ڀڄن لال شرما کي ميمورينڊم به پيش ڪيو جنهن ۾ آرڪيالوجيڪل سروي آف انڊيا مان اجمير شريف درگاهه جي تحقيق جي درخواست ڪئي وئي هئي.