ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم راجيو گانڌي جي قتل جو جوابدار 30 سالن بعد آزاد

0
127
راجيو گانڌي جي قتل جو جوابدار
ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم راجيو گانڌي جي قتل جو جوابدار 30 سالن بعد آزاد

ڀارتي سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم راجيو گانڌي جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي قيد جي 30 سالن بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

1991ع ۾ راجيو گانڌي جي قتل بعد اي جي پيراري ويلن کي گرفتار ڪيو ويو هو

اي جي پيراري ويلن اڳ ئي مارچ 2022 کان پيرول تي جيل کان ٻاهر آهي ۽ ڀارتي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ هاڻ اُن جي آزادي جو حڪم ڏنو آهي

خيال رهي ته راجيو گانڌي کي تامل ناڊو ۾ هڪ جلسي دوران عورت آپگهاتي بمبار ڌماڪي سان اڏائي قتل ڪيو هو ۽ اي جي پيراري ويلن کي بم ۾ استعمال ٿيل بيٽريون فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي

اهو حملو 1987 ۾ بطور وزير اعظم راجيو گانڌي طرفان سريلنڪا جي امن جي مبينا ڪوششن تي لبريشن ٽائيگر آف تامل ايلام ڪرايو هو