اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي معمول جي ڪاروائي روڪي ڀارتي جارحيت ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ  واري قدم خلاف متقفه طور تي قرارداد منظور ڪري ورتي، جي يو آءِ حڪومتي غير سنجيدگي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو . اجلاس ۾ معمول جي ڪاروائي روڪي پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي آبي جارحيت، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ خلاف مذمتي ٺهراءُ متفقه طور منظور ڪيو ويو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايوان پاڪستان ۾ دهستگردي جي سمورين صورتن ۽ پهلگام ۾ دهشتگرد حملي بعد ڀارتي قدمن جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان کي پهلگام سان ڳڍڻ وارن الزامن کي رد ڪندي  ايوان پاران ڀارت جي آبي جارحيت جي مذمت ڪندي امڪاني عسڪري ۽ آبي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ واضح طور جنگ جي عمل برابر آهي، ٺهراءَ ۾ خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت، بشمول آبي دهشتگردي يا فوجي اشتعال انگيزيءَ سميت پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو دفاع ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي قابل ۽ تيار آهي، ڀارتي اڳرائي جو سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، ٺهراءَ ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستان جو عوام امن لاءِ پرعزم آهي پر ڪنهن کي به ملڪ جي خودمختياري، سلامتي ۽ مفادن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت کي پاڪستان ۾ دهشتگردي ذميوار قرار ڏنو وڃي، ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حق جي حاصلات لاءِ حمايت جو عزم ورجايون ٿا. ان بعد ڀارتي جارحيت ۽ سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ بحث شروع ڪندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خان چيو ته ڪشمير ۾ ٿيل حملي سان پاڪستان جو ڪهڙو تعلق آهي، مودي سرڪار پاران پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪيون ٿا، وزيراعظم چيو ته جاچ لاءِ تيار آهيون ان سان دل آزاري ٿي، 2019ع ۾ عمران جيئن سخت موقف اختيار ڪيو اهڙو ردعمل ڏنو وڃي ها، مودي پاڻي کي هٿيار بڻائي رهيو آهي، سنڌ طاس معاهدي تي عمل روڪڻ جنگ جهڙو عمل هوندو، ڪشمير، ڪي پي ۾ حملن جو خدشو آهي، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي، ايٽمي جنگ ٿي سگهي ٿي،  اميد ڪيون ٿا ويگو گاڏين وارا باڊر تي ڀارت خلاف ويڙھه ۾ اڳيان هوندا ، قومي يڪجهتي لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، اهو ٻڌايو وڃي ته اسان وٽ جيٽ جهازن لاءِ تيل ڪيترو آهي؟ ڇا آمريڪا اليڪٽيڪلي سسٽم لاڪ نه آهي، اها به خاطري ڪرائي وڃي، ڀارتي کي پهرين حملي ۾ ئي تباهه ڪرڻو پوندو، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته جنگ جي صورتحال تي بيٺل آھيو پر ايوان ۾ غير سنجيدگي نظر اچي رهي آھي، ڪو ذميوار ناهي، موجوده صورتحال تي هن ايوان کي بريفنگ ڏيڻ گهرجي ها، مان ان غير سنجيدگي خلاف واڪ آئوٽ ڪيان ٿو، جنهن بعد جي يو آءِ ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا. پيپلزپارٽي جي قادر پٽيل چيو ته عمر ايوب جي تقرير کي ڀارت ۾ گهڻي ڪوريج ڏني ويندي هن چيو اسان وٽ جهازن جو تيل ناهي ڪجھه ته ذميواري جو مظاهرو ڪيو، ننڍن ماڻهن کي عهدن تي ويهاريو ويندو ته ائين ٿيندو، مودي خلاف قوم متحد آهي، وفاقي وزير قيصر شيخ چيو ته چناب جو پاڻي گهٽ ڪيو ويو آھي، ڀارت زيادتي ڪري رهيو آھي، اسان هڪٻئي تي الزام هڻي رهيا آهيون، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين پاڪستان جنگ نه امن چاهي ٿو، وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪو شڪ ناهي پهلگام واقعو جعلي آپريشن هو،  وڏي عرصي بعد پوري قوم هڪ آواز ٿي بيٺل آھي، ڀارت جا ٿورائتا آهيون ته ان جي ڪري قوم متحد ٿي وئي، پاڪستان ايٽمي طاقت آھي ان کي ڪير جهڪائي نٿو سگهي، ڀارت پاڪستان ۾ گهڻي وقت کان دهشتگردي ڪري رهيو آھي، پي ٽي آءِ جي علي محمد خان چيو ته دشمن اسان جي قومي غيرت کي للڪاريو آھي، پاڪستان جي مامري ۾ اسان سڀ پاڪستاني آھيون، شير افضل مروت چيو ته عملي طور تي اسان چونڊيل نمائندا باڊر تي وڃي پاڪستان جي فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون، هن ڪڙي وقت ۾ عمران خان سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو حرج آھي، عمران سان ڳالهائڻ کانسواءِ قومي يڪجهتي تي مهر نه لڳندي.