
راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج جي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت برقرار رکڻ جو عزم ورجايو ويو ۽ چيو ته جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خاص ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال، خاص طور ڀارت سان وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو گڏيل جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فورم ڀارت جي ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي يا مهم جوئي جي صورت ۾ ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ بابت پنهنجي اٽل عزم ورجايو. ڪانفرنس دوران آرمي چيف پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن، ثابت قدم حوصلي ۽ آپريشنل تيارين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج پنهنجي عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل تيار آهي. فورم خاص طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، خاص ڪري پهلگام واري واقعي کانپوءِ لائين آف ڪنٽرول تي عام شهرين کي نشانو بڻائڻ واري عمل تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت جون اهڙيون بي سبب ۽ غير انساني ڪارروائيون خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجن ٿيون، جن جو اثرائتو جواب ڏنو ويندو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ڀارتي فوج ۽ انٽيليجنس ادارن جي پاڪستان اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ سڌي ريت ملوث هجڻ بابت ترديد نه ڪرڻ جوڳن ثبوتن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم چيو ته رياستي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ اهڙيون ڪارروائيون عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن زور ڏيندي چيو ته ڀارت پنهنجي سياسي ۽ فوجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو بحرانن جي رٿابندي ڪري ٿو، جيئن 2019ع ۾ والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي خاتمي لاءِ پلوامه جو ڊرامو رچايو هو. فورم موجب، ڀارت پهلگام جي واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان جو ڌيان اولهه وارن ۽ معيشت جي بحالي واري جدوجهد تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڀارت جي طرفان سنڌ طاس معاهدي کي نقصان پهچائڻ واري رويي ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ارادي تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي متاثر ٿيندي، پر سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام واري صورتحال پيدا ٿيندي. فورم واضح ڪيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ امن جو سفر ڪنهن به ڌمڪي، جبر يا پراڪسي جي مدد سان روڪي نه ٿو سگهجي ۽ ڪنهن به جنگ مڙهڻ جي ڪوشش جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير مُلڪ جي دفاع لاءِ ٿيندڙ آپريشنل تيارين، فارمِيشنز ۽ اسٽريٽجڪ فورسز جي حوصلي ۽ جذبي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.