نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست گجرات جو شهر گوشت تي پابندي لڳائڻ وارو دنيا جو پهريون شهر بڻجي ويو آهي. پاليتانا جي ڳوٺ ۾ ڪميونٽي جي مذهبي اصولن (خاص طور تي سڀني جاندارن لاءِ عدم تشدد ۽ شفقت) جي تقدس کي نظر ۾ رکندي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. گوشت جي وڪري ۽ استعمال تي پابندي 200 کان وڌيڪ جين پيشوائن جي وڏي مظاهري کانپوءِ لاڳو ڪئي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ قصاب جا 250 دڪان بند ڪيا وڃن. جواب ۾، حڪومت پاليتانا ۾ کاڌي لاءِ جانورن جي مارڻ ۽ گوشت ۽ انڊن جي وڪرو تي پابندي لڳائي قانون نافذ ڪري ڇڏيو.