ڀارت طرفان پاڪستان تي ميزائل حملن کانپوءِ ڪالهه به ڊرونز ذريعي دراندازي، ۽ کئونس جاري رهي. پاڪ فوج 29 اسرائيلي ساخت ڀارتي ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن، جن جو ملبو سنڌ ۽ پنجاب ۾ مختلف هنڌن تي ڪِرڻ سان ٻن شهرين جي شهيد ٿيڻ جون خبرون آهن. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جا چار جوان پڻ زخمي ٿيا آهن. پاڪستان طرفان بندرگاهن تي ميري ٽائيم سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، ٻيڙين جي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل اجازت ناما پڻ رد ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزير اسحاق ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ احمد شريف چوڌري پاڪستان طرفان ڀارت ۾ 15 هنڌن تي حملن واري ڀارتي دعوا کي رد ڪندي چيو ته، ڀارتي حڪومت پنهنجي فائدي لاءِ ڊرامو ڪري رهي آهي. پاڪستان جڏهن به حملو ڪندو ته اهو نظر به ايندو ۽ ان جي گونج به ٻڌڻ ۾ ايندي.
پاڪستان هن وقت هڪ انتهائي سنگين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي ان جي خودمختياري، شهري سلامتي، ۽ علائقائي استحڪام کي سخت خطرا لاحق آهن. ڀارت پاران تازو ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ هيستائين نه رڳو درجنين معصوم شهرين جي شهادت ٿي چڪي آهي، پر ڏکڻ ايشيا کي هڪ ممڪن ايٽمي ٽڪراءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. ان جي باوجود، عالمي برادري جي خاموشي هڪ وڏي غفلت ۽ جنگ کي ٽارڻ جي حوالي سان ڪن لاٽار جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا انساني حقن ۽ بين الاقوامي قانونن جي واضح ڀڃڪڙين جي باوجود جاري آهي. توڙي جو آمريڪي صدر ٽرمپ سميت مختلف عالمي اڳواڻن ڀارتي اڳرائيءَ کي ننديو آهي، آمريڪي صدر انکي “شرمناڪ” قرار ڏنو آهي، پر اهو سڄو تحرڪ زباني جمع خرچ کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي. ڀارت جي سنگين اڳرائيءَ جي واقعن جي باوجود، عالمي برادري طرفان صرف رسمي بيانن ۽ “تحمل” جي اپيلن کانسواءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻنهي ملڪن کي “تحمل” کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي، پر ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽياڪڙيءَ جي پيشڪش ڪئي، پر ٽرمپ انتظاميا جي توجهه يوڪرين ۽ غزه جي تڪرارن تي مرڪوز رهي. يورپي يونين ۽ چين به صرف ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، پر ڪو به ٺوس قدم نه کنيو ويو. “ڳڻتيءَ” جي اظهار کان اڳتي وڌي ڀارت تي دٻاءُ وڌو وڃي ها ته، جنگ جي امڪانن کي ٽارڻ ممڪن بڻجي پئي سگهيو.
پاڪستان بين الاقوامي سطح تي ڊرون حملن خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن ۾ انهن حملن کي رياستي خودمختياري جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. پر، عالمي برادري طرفان انهن مطالبن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. پاڪستان تي ٿيندڙ ميزائل ۽ ڊرون حملا نه رڳو ان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهن، پر علائقي جي امن لاءِ به خطرو آهن. عالمي برادري جي خاموشي انهن ظلمن جي توثيق جي مترادف آهي. وقت اچي ويو آهي ته گڏيل قومون ۽ ٻيا عالمي ادارا پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪن ۽ فوري طور تي انهن حملن جي مذمت ڪندي عملي قدم کڻن. پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي گهرجي ته هو سفارتي محاذ تي پنهنجو آواز بلند ڪن ۽ دنيا کي اهو باور ڪرائين ته خاموشي ظلم جي حمايت جي برابر آهي. اهو ساڳيو ئي رويو آهي، جيڪو غزه تي اسرائيلي حملن جي وقت روا رکيو ويو آهي. عالمي برادري ته پري جي ڳالهه مسلمان ملڪن طرفان به ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جو ڪو به اثرائتو تحرڪ نظر نه آيو آهي. ٻئي ملڪ ائٽمي سگهه رکندڙ آهن ۽ مودي انتظاميا جي جنگي جنون کي پٽو نٿو وڌو وڃي ته هن خطي ۾ خوفناڪ جنگ کي روڪڻ مشڪل بڻجي ويندو. هيستائين پاڪستان تمام گهڻي تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ عالمي برادريءَ موديءَ جي جنونيت کي ناڪيلي نه وڌي ته هي خطو خطرناڪ جنگ جي نذر ٿي ويندو، جنهن جنگ جي ڄٻين جو سيڪ رڳو اهي ٻه ملڪ ئي محسوس نه ڪندا، پر سڄي دنيا ان جنگ کان بنهه گهڻي متاثر ٿيندي ۽ اها جنگ پوءِ ٻن ملڪن تائين محدود نه رهندي.