نئين دهلي(م ڊ) پهلگام واقعي بعد ڀارت جو جنگي جنون ٿڌو نه ٿيو، پاڪستان مان شيون گهرائڻ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي، ڀارت جي صنعت ۽ واپار واري وزارت پاران پاڪستان مان شيون گهرائڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري، ڀارتي اختيارين چيو آهي ته فارين ٽريڊ پاليسي 2023ع ۾ هڪ واڌو شق شامل ڪئي وئي آهي، هِن ترميم وسيلي پاڪستان مان هر قسم جي شين جي سڌي يا اڻسڌي ريت امپورٽ تي پابندي لڳائي وئي آهي، پاڪستان جو سامونڊي جهاز ڀارتي بندرگاهه کان واپس، ڀارت اڳتي ڪنهن به پاڪستاني سامونڊي جهاز جي ڀارتي بندرگاهه تي آمد مٿان پابندي لڳائي ڇڏي، اختيارين جو چوڻ آهي ته هاڻي ڀارتي سامونڊي جهاز به پاڪستان جي ڪنهن به بندرگاهه تي لنگر نه ٿيندو، ڀارت پاڪستان مان فضائي توڙي زميني رستي ويندڙ هر قسم جي ٽپال تي به پابندي لڳائي ڇڏي.